اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ڄاڻايل هيٺان قدم کڻڻ جون تجويزون آهن، زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ مالي سال ۾ 1800 ارب رپيا مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هن بجيٽ تقرير ۾ چيو ته بجلي/ڊيزل جو بل هاري جو سڀ کان وڏو خرچ هوندو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته معياري ٻج هي سٺي فصل جو بنياد آهي. ملڪ ۾ معياري ٻج جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان جي گهرائڻ تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ختم ڪيا پيا وڃن. اهڙيءَ طرح Sappings گهرائڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موسمي تبديليءَ سبب هارويسٽنگ جي مدت گهٽ کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن هاري ٽين فصل به کڻي ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو پڪل فصل کي جلد سنڀالي. ان لاءِ ڪمبائين هارويسٽرز جي ضرورت آهي. ڪمبائين هارويسٽرز جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي تجويز آهي ته ان تي سموريون ڊيوٽيون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته چانور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ خشڪ، رائيس پلانٽرز، سيڊر کي به ڊيوٽي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ جي تجويز آهي. ايگرو انڊسٽري ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ انقلاب جي صلاحيت رکي ٿي. بجيٽ ۾ ايگرو انڊسٽري کي Concessional قرضن جي فراهميءَ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Court permits Zardari to have AC if recommended by medical officer
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food
-
Pakistan urges three world powers to help resolve Kashmir dispute
-
Bilawal accuses PTI govt of trying to ‘occupy Karachi’