اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽي جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو، جيڪو صحافي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي وڃي اهو صحافي جي حقن جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. اها ڳالهه هن برطانوي صحافي سڪندر ڪرماڻي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو اسان جي حڪومت ۾ گم ٿيو هجي، ان کي گولي هنئي وئي هجي، اغوا ڪيو ويو هجي يا ان جون پاسراٽيون ٽوڙيون ويون هجن. صحافي جي سوال تي هن چيو ته عمران رياض صحافي نه، سياسي پارٽي جو ترجمان آهي، جيڪو صحافي سياسي پارٽين جي ترجماني ڪري يا تشدد کي هوا ڏي ته ان کي انهن صحايفن سان نه ملايو وڃي جيڪي صحافت جي آزادي تي يقين رکن ٿا. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ان جي دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن ته شهباز شريف جي دور ۾ پاڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي، عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو، انهن جو آواز بند ڪيو، انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، ٽي وي چينلز بند ڪيا جڏهن ته اسان جي دور ۾ سمورا ٽي وي چنلز هلي رهيا آهن، هر اينڪر کي ڳالهه ڪرڻ جي آزادي آهي، ڪنهن جي آواز کي ناهي دٻايو ويو، ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جنهن جو آواز دٻايو ويو هجي؟ مريم اورنگزيب چيو ته ڪو به شخص گم ٿيو هجي ته اسان ان جي مذمت ڪئي آهي. عمران رياض جي خلاف عدالتن ۾ ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي فروغ جي ڪري ئي ميديا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري ٿي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Cleric’s killing an attempt to instigate unrest in Pakistan: COAS
-
PM calls for strict implementation of SOPs to avoid Covid-19 spread
-
Prime suspect in motorway rape case Abid Malhi arrested from Faisalabad
-
Prime suspect in motorway rape case Abid Malhi arrested from Faisalabad
-
Preparations underway for launch of Orange Line Metro Rail
-
PTI is responsible for inflation in the country: Ismail Rahu
-
Omar expects investment in LNG sector under open market regime
-
ATC sends Motorway rape case key suspect Abid Malhi on 14-day judicial remand
-
Students demand autonomy for Nawaz Sharif Medical College, Gujrat
-
Arrangements to scale up services of Sehat Insaf Card reviewed
-
Transferred
-
Envoys present credentials to President