اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير اڱاري ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته ٻئي ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وفد ۾ ايٿوپيا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل آهن.
متعلقہ مضامین
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
No threat to Sindh if federation issues directives for betterment: Haleem Adil
-
PM Imran to address public gathering in Muzzafarabad today
-
Economy moving towards stability: Hafeez Shaikh
-
Pakistan power sector has over $80 bln investment opportunities: Omar Ayub
-
Kartarpur Corridor to be inaugurated on Nov 9
-
ECP dismisses plea to remove Maryam Nawaz as PML-N VP
-
Govt decides to establish special media tribunals
-
IHC to take up Nawaz’s appeal in Al-Azizia reference
-
PM Imran inaugurates Torkham border crossing
-
Protesters demand justice for Dr Nimirta Kumari