اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع تي اسان جو آئين ٺهيو، هي اسان جي 50 سالا جدوجهد جو يوم تاسيس آهي، اسان ملڪ جي عوام کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا، اسان ملڪي ادارن ۽ نظام جي بقاءَ جي لاءِ سازشون برداشت ڪندا رهياسين، اڃا به ادارن ۾ اهڙو طبقو موجود آهي جيڪو نه ٿو چاهي ته ميثاق جمهوريت هلي ۽ اسان جو اتحاد قائم رهي. قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان منعقد ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين اسلامي جمهوري ۽ پارلياماني آهي پاڪستان جو آئين ئي اها زنجير آهي جنهن سمورن صوبن کي ڳنڍي رکيو آهي. هن چيو ته 10 اپريل جو ڏينهن اسان جي سليبس ۾ هجڻ گهرجي ته جيئن نئين نسل کي ٻڌائي سگهجي ته 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهيو ۽ 10 اپريل 1973ع تي اسان جو آئين ٺهيو، هي اسان جي 50 سالا جدوجهد جو يوم تاسيس آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هڪ ٽُٽل ۽ وکريل ملڪ کي آئين ڏئي متحد ڪيو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ڇو ته اسان يقين رکون ٿا ته سياستدانن ۽ جمهوري قوتن جي وچ ۾ فاصلن ۽ اختلافن جو فائدو غيرجمهوري قوتون کڻنديون آهن. هن چيو ته هڪ سليڪيٽيڊ وزيراعظم کي آڻڻ جي سازش ڪئي وئي جنهن جو مقصد 1973ع جي آئين کي ختم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ ٺاهڻو هو، ملڪ جي جمهوري قوتن 10 اپريل 2022ع تي متحد ٿي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري اختيار استعمال ڪري سليڪيٽيڊ وزيراعظم کي گهر موڪليو. هن چيو ته اسان ملڪ جي عوام کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان ملڪ جي ادارن ۽ نظام جي بقاءَ جي لاءِ انهن جي سازشن کي برداشت ڪندا رهياسين. هن چيو ته اڃا به ادارن ۾ اهڙو طبقو موجود آهي جيڪو نه ٿو چاهي ته ميثاق جمهوريت هلي ۽ اسان جو اتحاد قائم رهي، اهو ئي سليڪيٽيڊ راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، عدالت کي به ائين هجڻ گهرجي ته هر پاڪستاني ان کي آئين جو محافظ تسليم ڪري، هن وقت آئيني بحران هلي رهيو آهي اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته ٻه جمع ٻه ٽي آهي جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته ٻه جمع ٻه چار هوندو آهي، عمران خان جيڪو معاشي حملو ڪري ويو هو اسان ملڪ کي ان مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ فيصلا ٿيا آهن، دهشتگردن جي خلاف هڪ آپريشن جي شروعات ڪري رهيا آهيون، ماضي وانگر دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ۽ مهانگائي تاريخي دور مان گذري رهي آهي، ملڪ جي معيشت کي صحيح ڪرڻ ڪنهن هڪ شخص جو ڪم نه آهي ان لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، اسان جي ادارن کي سنجيده ٿي ان حوالي سان آئين تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
متعلقہ مضامین
-
LHC acquits Christian man on death row for blasphemy
-
Experts term pro-active energy management a key requirement for Pakistan in the energy sector
-
Chehlum processions held across Pakistan
-
Chehlum processions held across Pakistan
-
US hopeful for Afghan, Pakistan side agreement
-
Experts term pro-active energy management a key requirement for Pakistan in the energy sector
-
Promoting exports is imperative for economic stability: Asad Qaiser
-
Protection of life, property of people top responsibility of police: IGP
-
PM directs Governor Sindh to finalize all affairs related to Bundle Island
-
UoG BA/BSc/BCom/AD exams from Oct 20
-
PM for providing manual complaint facility to people at Citizen’s Portal
-
PM for providing manual complaint facility to people at Citizen’s Portal