اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جو عزم ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ جي نقصانن تي همدردي ۽ افسوس تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا ٿورا مڃيندي جنيوا ۾ 9 جنوري تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وزيراعظم پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيندي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آءِ ايم ايف جي بورڊ جو 9 ۽ 10 جنوري تي اجلاس اڳ ۾ طئي ٿيل آهي ان لاءِ هو ورڇوئل طور ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهندي. وزيراعظم ايم ڊي فنڊ کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان کي درويش چئلينجز جي ادراڪ ۽ همدردي تي ايم ڊي جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي: مريم اورنگزيب
-
بلاول ڀٽو زرداري جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير کي فون، استنبول دهشتگرد حملي تي ڏُک جو اظهار
-
عمران خان گهڙيءَ چوري پڪڙجڻ تي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو هو: مريم اورنگزيب
-
وزيراعظم پاران انڊونيشيا جي علائقي جاوا ۾ زلزلي سبب قمتي جانيُون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار
-
صدر سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مُلاقات
-
ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر
-
مريم اورنگزيب عمران خان کي ايندڙ چونڊن جي تاريخ آڪٽوبر 2023ع ڏئي ڇڏي
-
افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو ارادو نه آهي: پرڏيهي آفيس
-
وزيراعظم پاران منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح
-
انتهاپسند هندوئن بابري مسجد شهيد ڪرڻ جي 30 سال کانپوءِ پنهنجي ايجنڊا تي عمل ڪندي تاريخي تاج محل کي ميري اک سان ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو
-
پاڪستان صحافين جي تحفظ جي لاءِ ايشيا ۾ گڏيل قومن جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
-
وزيراعظم محم دشهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبر راڻا مبشر اقبال جي ملاقات