نيويارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ساباڪوروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بحران، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنرل اسيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامياب قيادت تي پاڪستان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.
متعلقہ مضامین
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
NUML’s Rawalpindi branch opens