اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ اسلامي تعاون تنظيم جي اصولي موقف ۽ مسلسل حمايت کي ساراهيون ٿا، ان سان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط پيغام ويندو جڏهن ته او آءِ سي جي سيڪريٽري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ملاقات ڪئي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين ملڪي دوري تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خواهشن تحت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي تاريخي دوري جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جي دوري سان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ او آءِ سي جي حمايت جو هڪ مضبوط پيغام ويندو. وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي اڻٿڪ حمايت کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته فلسطين مسئلي جو ڪو به حل 1967ع کان اڳ جي سرحد تي ٻڌل هجڻ گهرجي جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي. ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي ته او آءِ سي ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل (سي ايف ايم) جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ کان افغانستان سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪري جن کي افغانستان جي عوام منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم وڌندڙ مسلم دشمني ۽ نبي ڪريم ﷺ جي حرمت جي پائمالي ڪرڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت کي ورجايو. هن اسلامو فوبيا جي مهم جي تيز ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، خاص طور تي اسان جي خطي ۾ جتي مسلمان ۽ اسلام مخالف ايجنڊا کي رياستي پاليسي جي هڪ هٿيارن طور استعمال ڪيو پيو وڃي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي مڪمل حمايت کي ورجايو. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم کي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل (سي ايف ايم) جي چيئرمين طور پاڪستان جي باقي مدت دوران او آءِ سي سيڪريٽريٽ پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.
متعلقہ مضامین
-
Meesha Shafi and eight others booked by FIA cyber crime wing for a defamation campaign against Ali Zafar
-
No change in petrol price for next 15 days
-
‘Character of conflict, nature of warfare changing’
-
Arif Alvi for developing a centralised national database on all diseases
-
Petition in IHC seeks ban on broadcast of Nawaz’s speeches
-
Health Minister Sindh opposes Pakistan Medical Commission Bill
-
Pakistan tops in Asia with highest response to social protection
-
China’s Communist Party donates 54,000 face masks to MoFA
-
Police raids brothel in Lahore; several arrested
-
Bundal Island to bring in billions of rupees investment, says governor
-
Rescue 1122 observes disaster awareness day
-
Ease of doing business govt’s foremost priority: PM