اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ايندڙ هفتي عالمي شراڪتدارن سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي، نئين سر تعمير تي ٻڌل (آر ايف ايس 4) جو هڪ جامع فريم ورڪ شيئر ڪندي ته جيئن ان کي باقاعده طور تي ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪا ايندڙ سال جنوري ۾ منعقد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان ڊونرز سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر انفرااسٽرڪچر، عالمي شراڪتدارن ۽ سمورن سفارتخانن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي جامع فريم ورڪ حصيدارن سان شيئر ڪيو ويندو ته جيئن هو ان جو مطالعو ڪري سگهن ۽ انهن جي قيمتي راءِ سان منصوبابندي واري وزارت کي مدد ملندي جنهن کي باقاعده طور تي جنوري ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير عالمي شراڪتدارن تي بحالي جي مرحلي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڊونرز ٻوڏ کان فورن پوءِ ريسڪيو ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي پاڪستان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته هي سلسلو ايندڙ مرحلي ۾ جاري رهندو. اجلاس ۾ منصوبابندي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي آر ايف ايس 4 جي اهميت تي روشني وڌي، جن 17 شعبن خاص طور تي انفرا اسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت تي عملدرآمد لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ جن کي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو. وڌيڪ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ سندن وزارت پڻ ان عمل ۾ شريڪ آهي ۽ اڄ ڊونرز سان هڪ اهم اجلاس ٿيندو . ان موقعي تي ڊونرز حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئنده ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry