اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ۾ پوليس اهلڪار سميت هڪ ٻار جي شهادت تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليو اهلڪار ملڪ مان ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جنهن تي آئون انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شرپسند عنصر ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ان مهم کي روڪڻ ۾ سدائين ناڪام رهندا ۽ پاڪستاني قوم قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليو اهلڪار شرپسند عنصرن جي اهڙي ڪڌي ڪوشش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، مون سميت سموري قوم جون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Pakistan registers protest with Indian diplomat over ceasefire violation
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Motorway rape victim agrees to record statement, identify culprit: reports