اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قدرن، امن ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي مقصدن تي ٻڌل يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ موثر شرڪت جي ذريعي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪرائسز مئنيجمينٽ بابت يورپي ڪمشنر جينز لينار ڪيچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري شديد ٻوڏ کانپوءِ يورپي يونين پاران امداد کي ساراهيو ۽ انهن کي ٻوڏ سان فصل، گهرن، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ٿيندڙ نقصان ۽ 1600 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ فعال شرڪت جي ذريعي ٻوڏ جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي قيام سميت حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. فلڊ ريليف فنڊ ۾ ملڪي ۽ عالمي ذريعن سان عطيا جمع ڪرائي سگهجن ٿا. پاڪستان ۽ يورپي ملڪن جي اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون پنهنجي ٻطرفي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون رهنديون ته جيئن 2023ع کانپوءِ به جي ايس پي پلس اسڪيم مان فائدو کڻي سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
MESSAGE FROM THE AUSTRALIAN HIGH COMMISSIONER ON EID-UL-ADHA
-
UMT president offers to play role in capacity building of Punjab Forest Department staff
-
Price of petroleum products likely to increase from August 1
-
MoHR to increase awareness, understanding of human rights issues through film festival
-
Blasphemy accused shot dead inside courtroom
-
Tania Aidrus, Zafar Mirza call it a day ‘over criticism’
-
Lucky to have Naseem, Shaheen in the Test squad: Azhar
-
MoHR to increase awareness, understanding of human rights issues through film festival
-
Blasphemy accused shot dead inside courtroom
-
Blasphemy accused shot dead inside courtroom
-
MESSAGE FROM THE AUSTRALIAN HIGH COMMISSIONER ON EID-UL-ADHA
-
NA Speaker and Deputy Speaker urge the nation to follow true spirit of sacrifice on Eid Ul Adha