ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي انصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي پيرهه جو پٿر رکيو، اهو 200 ارب رپين جو منصوبو آهي. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پري ڪواليفڪيشن کانسواءِ ڪانٽريڪٽرز جي چونڊ ڪئي وئي آهي ته پري ڪواليفڪيشن جو عمل ڪيو وڃي ڇو ته سمورو عمل شفاف طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سٺي شهرت رکندڙ ڪمپنيون اڳتي اچي منصوبي تي ڪم ڪن، انهن کي صلاحيت جو به ڪو مسئلو نه هوندو، بلوچستان پاران تمام گهڻا گلا شڪوا ٿيندا آهن پر هاڻي گلا شڪوا ختم ڪرڻ ۽ محرومين کي خوشين ۾ بدلائڻ جو وقت آهي. هن چيو ته خضدار ڪچلاڪ منصوبي ۾ شفافيت آندي ويندي ۽ منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي انصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪوڙ جو مقابلو سچائي سان ڪنداسين ۽ ماضي جي بدترين ٻُڙي ڪارڪردگي جو مقابلو بهترين ڪارڪردگي سان ڪيو ويندو، ڪوتاهي ۽ سستي کي ڏينهن رات محنت ۾ بدلائي ڇڏينداسين.
متعلقہ مضامین
-
Wheat crisis: NAB chief orders probe in two cases related to Sindh Food Dept
-
PM decided to ease lockdown amid COVID-19
-
Govt extends suspension of domestic flights until May 10
-
Cultural heritage building in Karachi illegally occupied
-
PM decided to ease lockdown amid COVID-19
-
142 health workers contract coronavirus in single day
-
EU to support Pakistan’s anti-corona fight with 153m euros
-
Neighbours help out as fighting virus trumps old rivalries
-
NCOC for dedicated forum to combat locust threat through inter-provincial coordination
-
Opposition slam govt for not handling COVID-19 properly
-
Neighbours help out as fighting virus trumps old rivalries
-
Imran issues ‘red letter’ to 16 ministries