اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يونيورسٽي جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زور ڏنو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيورسٽي جي انتظاميه تي زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پنهنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پنهنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين يونيورسٽي آهي جنهن اپليڪيشن جو هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن يونيورسٽي جي سڀني تعليمي،انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر يونيورسٽي پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پهچ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌائڻ جهڙي قدمن کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
COVID-19 positive: Imran Khan wishes speedy recovery to Russian premier
-
Muslim MPs for urgent rules against online Islamophobic and racist abuse
-
Top trend of low purchasing, fear of losing jobs during COVID-19
-
Top trend of low purchasing, fear of losing jobs during COVID-19
-
Coronavirus: still a long way to go
-
36,000 Afghan refugee families in Pakistan to get Rs 12,000 each
-
PIA’s first flight for US to depart on May 7: sources
-
Coronavirus: still a long way to go
-
Top trend of low purchasing, fear of losing jobs during COVID-19
-
Digital transformation: prioritising data localisation
-
FAO introduces Walk-in Tunnels for off-season vegetable production in Tribal Districts of Khyber Pakhtunkhwa
-
Community mobilization key to cope with any pandemic: NCOC