اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ميئر پشاور جي چونڊن ۾ رد ڪيل 23113 ووٽن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهن چونڊن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته تبديلي جا مخالف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڇو ٿا ڪن، چونڊ نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان پي ٽي آءِ جي اميدوار کان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ڪري رد ووٽن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته تبديلي جا مخالف انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته اهي مخالف ووٽن کي رد ڪرائي چونڊن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ نتيجا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن موجب جي يو آءِ (ف) جي اميدوار انهن چونڊن ۾ 63610 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اميدوار 51523 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي.
متعلقہ مضامین
-
Sikh community celebrates Baisakhi festival in a simple ceremony
-
Lockdown not applicable to mosques, congregational prayers to begin: ulema
-
COVID-19: Govt. approves SOPs for private int’l flight operations to Pakistan
-
WDF demands immediate provision of PPE to all healthcare workers
-
Aleem Khan returns to Punjab cabinet as food minister
-
Governor inaugurates Punjab Mental Health Helpline at GCU
-
Ehsaas programme a political drama: PPP leader
-
Coronavirus nationwide death toll crosses 100; 1,378 recovered so far
-
Text of SC order in suo motu case regarding coronavirus
-
Text of SC order in suo motu case regarding coronavirus
-
Lockdown extended; low-risk industries allowed to operate
-
Sindh Minister assures to take govt on-board in decisions making