اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت واڌويجهه جي شرح ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ کي انهي صورت ۾ ڪڍي سگهجي ٿو جڏهن ملڪي پيداوار ۾ اضافو ٿئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار معاشي استحڪام ۽ ترقي جي حوالي سان ترجيحي شعبن جي فروغ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان هن وقت تائين جي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي ضمانت جي فراهمي (ڪوليٽرل) کانسواءِ بئنڪن پاران ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي فراهمي جو انتظام ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ضمانت کانسواءِ قرضن جي فراهمي (ڪوليٽرل في لينڊنگ) سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ ۾ چڱي خاصي مدد ملندي، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته پهريون ڀيرو حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪن ۾ موثر پارٽنرشپ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت اسٽيٽ بئنڪ پاران تقريبن 50 سيڪڙو رسڪ لاس گارنٽ (نقصان جي رسڪ جي حوالي سان گارنٽي) فراهم ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته بئنڪن پاران ان حوالي سان نهايت جوش ۽ جذبي ۽ دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ايس کي خصوصي طور تي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان مخصوص ڪيل بئنڪن ۾ اضافي صلاحيت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ پاران ايس ايم ايس کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بئنڪن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Was told an example will be made out of me for challenging Khalai Makhlooq: Maryam Nawaz
-
Fawad’s residence raided, important record and gadgetry recovered
-
Sharifs ready to challenge Avenfield verdict in IHC
-
FIA takes Zardari’s aide Lawai in physical remand till July 11
-
Fawad’s residence raided, important record and gadgetry recovered
-
COAS visits under construction Zalam Kot Tunnel in Malakand
-
Imran Khan addresses ‘Ulema and Mashaikh conference’ at Golra Sharif
-
Political manifestos and advertisement appeals in political campaign for GE 2018
-
NAB team off to KPK to arrest Safdar
-
Hussain Lawai remanded in FIA custody
-
My fight is against poverty, not for power
-
The limits of representational politics