اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جي ڏهاڙي تي پوري پاڪستاني قوم خاص طور تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ڪشمير 1947ع جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڪشمير جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وچن ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي هر ممڪن سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي مدد جاري رکنداسين، اڄ جو ڏينهن اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهريار آفريدي چيو ته اهو ئي سبب آهي جو اسان والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، نظريو پاڪستان ئي قيام پاڪستان جو بنياد بڻيو، جنهن تحت مسلمان قيادت هندو توا ذهنيت جي اثر هيٺ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Sahiwal encounter illegal
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Chinese New Year celebrated at RME
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT
-
Abducted neurosurgeon returns home safely after 48 days
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
By empowering smaller provinces, people’s problems will be resolved faster: NA speaker