اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) دنيا ۾ عسڪري معاملن تي نظر رکندڙ اداري اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (سپري) تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا ۾ دفاع تي سڀني کان وڌيڪ خرچ ڪندڙ ملڪن ۾ ڀارت چوٿين نمبر تي آهي، گذريل پنجن سالن دوران هو دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ عسڪري سامان خريد ڪندڙ ملڪ رهيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي ڀارتي حڪومت گذريل ڏينهن جيڪا سالياني بجيٽ پيش ڪئي ان مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت جو دفاع جي شعبي تي ڌيان ۾ اضافو ٿيو آهي. 25-2024ع لاءِ ڀارتي پارليامينٽ ۾ 48 لک ڪروڙ روپين جي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي ان ۾ سڀني کان وڌيڪ اٽڪل 6 لک 22 هزار ڪروڙ روپيا دفاع جي شعبي لاءِ رکيا ويا آهن جيڪا مجموعي بجيٽ جو اٽڪل 13 سيڪڙو بڻجي ٿي. مبصرن بي بي سي اردو سروس سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال وانگر ايندڙ سال جي ڀارتي دفاعي بجيٽ پڻ چين ۽ پاڪستان کي نظر ۾ رکندي رکي وئي. ڀارتي حڪومت جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ رکيل اضافي فنڊز جو مقصد هٿياربند فوج کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، هٿيارن، جنگي جهازن، آبدوزن، پليٽ فارمز، بغير پائلٽ جي فضائي گاڏين، ڊرونز ۽ خاص مهارت واريون گاڏيون وغيره حاصل ۽ تيار ڪرڻ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Women Champions
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
Military kills 6 TTP commanders among 12 in back-to-back days