اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته ڀارتي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. مودي سرڪار والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير جي اعليٰ حريت قيادت قيد ۾ آهي، ۽ ڪشميري نوجوان ڀارتي قابض فوج جي عدالت کان مٿانهين قتل جو نشانو بڻيل آهن. گذريل ڏينهن بئريسٽر عقيل ملڪ يوم استحصال جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري يوم استحصال ڀرپور انداز سان ملهائي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جي ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري جي پراسرار خاموشي تي سندن ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڳوڻي حڪومت جتي سي پيڪ جهڙن منصوبن کي روڪيو، اتي ڪشمير جي مسئلي تي به خاموشي اختيار ڪئي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال گذريل پنجن سالن م سنگين طور تي خراب ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي ڏاڍ کي بي نقاب ڪندو رهندو.
متعلقہ مضامین
-
No protest or march can oust PTI government: governor
-
Buzdar urges conspirators to compare tenure of looters with that of PTI govt
-
No protest or march can oust PTI government: governor
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
Bill moved in NA to set up university at PM House
-
Report on wheat, sugar shortage to address all concerns of opposition, NA told
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days