اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي 27 جولاءِ تي لائو پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۾ ٿيندڙ 31 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ خطي بابت سياسي ۽ سلامتي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۽ حصيداري جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اجلاس ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري آسيان ريجنل فورم جي 31 هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي شرڪت ڪندڙ معززين سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Is it over for Ghani?
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’