اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان ملاقات ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وزير واپار، واري وزير، نجڪاري واري وزير ۽ مواصلات واري وزير کانسواءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فورمز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates