اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مختلف ڪمپنين کي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪوئلي جي کاڻين جي ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏني، وفد وزيراعظم کي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي ويزن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالا مال آهي، اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ سميت بلوچستان جي نگران وڏي وزير، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
SHC orders demolition of structures on state land in Sukkur
-
Chiniot being patrolled through Faisalabad personnel
-
Nurses protest non-regularisation in Karachi
-
Pakistan looks to new tech to curb crop burning and cut smog
-
Chiniot being patrolled through Faisalabad personnel
-
Thar residents protest coalfield waste disaster
-
10gm gold price increases by Rs1,300
-
Tahir Ashrafi calls on UAE ambassador in Pakistan
-
NUST stands among international awardees for GCRF project on Gastroenteritis
-
ABF, Ferozsons Labs donate 17 ventilators to Rescue 1122
-
Tahir Ashrafi calls on UAE ambassador in Pakistan
-
“CPEC is a transformational Project”: Foreign Secretary