اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر ان جي اصل طاقت هتان جي باصلاحيت افرادي قوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم بلوچستان جي انتظامي معاملن، ترقياتي منصوبن ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر ان جي اصل طاقت هتان جي باصلاحيت افرادي قوت آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
متعلقہ مضامین
-
Chairman NAB review overall performance of NAB
-
Pakistan, Turkey, Azerbaijan to hold trilateral meeting today
-
KP MPA remanded in murder case
-
NCOC advises people to be extra careful during ‘last stage’ of Covid-19 pandemic
-
Excise officials unearth irregularities in property affairs
-
Eight more held in Monika Larik murder case
-
Efforts to restore tourism, create job opportunities in Swat lauded
-
AKTI seeks FPCCI help in taxation, anti-encroachment drive issues
-
School of stratgic studies
-
OICCI contributes Rs16bn to minimise coronavirus impact
-
CICEC donates medical supplies to Pakistan to fight Covid-19
-
PPP demands withdrawal of notification about Sindh’s hospitals