اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 231 پوائنٽس جي غيرمعمولي اضافي سبب ڪاروبار جي شروعات تي قوم ۽ ڪاروباري برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان جي مسلسل محنت ۽ درست پاليسين جي نتيجي ۾ معاشي بحالي جا آثار نمايان ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ملڪ ٻيهر ترقي جي رستي تي گامزن ٿي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته قائد محمد نواز شريف معاشي ترقي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو سفر جتان ڇڏيو هو اتان وري ٻيهر شروعات ٿي رهي آهي، شديد مايوسين کانپوءِ اميد جو نئون سج اڀري رهيو آهي، قوم کي مبارڪ هجي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۽ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو تيزي سان اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. الله ڪري پاڪستان جي ترقي جو سفر ائين ئي جاري رهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جو ٻج پاڙ پڪڙڻ شروع ٿي ويو آهي. پرخلوص محنت، ديانتداري ۽ سچائي ثمر آڻي رهي آهي، قائد محمد نواز شريف جي تعمير، ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي ويزن تي هڪ ڀيرو ٻيهر عمل پيرا آهيون، جهڙي طرح 2013ع کان 2018ع دوران پاڪستان کي توانائي جي بحران، دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، معاشي ترقي آندي هئي، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي جذبي سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻي رهيا آهيون، قومي ترقي ۽ معاشي استحڪام جي سفر کي انهي طرف ۽ انهي جذبي ۽ محنت سان جاري رکڻو پوندو، جهڙي طرح نواز شريف جي قيادت ۾ سي پيڪ جي شروعات ڪئي، معيشت بحال ڪئي، مهانگائي 4 سيڪڙو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي شرح 2 سيڪڙو تي آندي هئي، ترقي جي شرح 6.1 سيڪڙو ۽ پاليسي ريٽ ساڍا 6 سيڪڙو تي هو، هاڻي ٻيهر ترقي جي انهي سفر طرف وڃي رهيا آهيون، هاڻي زراعت، آءِ ٽي، صنعت سميت ٻين سمورن شعبن ۾ ترقي جو سفر تيز ٿيندو، ٻيهر عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، نوجوانن جي روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي خودمختياري سان هڪمنار ڪنداسين.
متعلقہ مضامین
-
Court to deliver verdict in child pornography case next week
-
UNGA panel adopts Pakistan’s draft seeking security assurances for non-nuclear states
-
Pakistan to expose Indian HR abuses in IIOJK at OIC FMs, Kashmir Group moots
-
NAB issues call-up notices to five NICVD officers
-
FM, OIC chief discuss HR abuses in IIOJK, Islamophobia
-
Political, military leaders vow joint efforts against Covid-19
-
Indian diplomat summoned to register protest over LoC violations
-
CIIE to help boost Pakistan’s exports to China: envoy
-
Open to dialogue with military establishment: Maryam Nawaz
-
Open to dialogue with military establishment: Maryam Nawaz
-
Days of sugar, wheat mafias are over: PM
-
Days of sugar, wheat mafias are over: PM