لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي هڪ ڀيرو استعمال کانپوءِ ان جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي جي خاتمي لاءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي سان قومي ۽ عالمي ڌرين سان فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي تحت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي لاءِ مدي جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي لاءِ گڏ ٿين ۽ ري سائيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪن. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي.
متعلقہ مضامین
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food