اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ سياسي پارٽي پاران لسٻيلا سانحي طرز تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي حادثي تي به منظم مهم هلائي پئي وڃي، افسوسناڪ ڪلچر وڌايو پيو وڃي، ڪنهن به شهادت ۽ واقعي تي ان حد تائين ڪري پوڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هو ايم اين اي آغا رفيع الله جي اعتراض واري نقطي تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ڇنڇر جي رات اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي گاڏي کي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهي آهيان. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي شهادت تي وفاقي ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن پنهنجي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، هر اک ڳوڙهن هاڻي آهي، پارليامينٽ مان هڪ قرارداد به پاس ٿي جنهن ۾ عبدالشڪور صاحب کي هلال امتياز سان نوازيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ان سانحي تي سياست ٿي رهي آهي، هڪ سازش ٺاهي پئي وڃي، هر طرف کان پيغام اچي رهيو آهي ته اهو سانحو سازش سان ڳنڍيل هو، وزيراعظم جي هدايتن تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان ان معاملي تي خصوصي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، اڃا تائين ڪي اهڙا ثبوت ناهن مليا ته ان سانحي ۾ ڪا سازش آهي، ڪنهن به انديشي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، ان بابت رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا سان سانحي تي غليظ مهم هلائي پئي وڃي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن لسٻيلا حملي تي پڻ اهڙي مهم هلائي هئي. هن چيو ته ان واقعي جي حوالي سان انشاءَ الله سڀاڻي حقيقتون پارليامينٽ آڏو رکنداسين.
متعلقہ مضامین
-
Six Pakistan Army soldiers martyred in North Waziristan
-
Kartarpur Corridor project enters its final phase of completion
-
Congo virus claims another life in city
-
Murad approves Rs 250m for St Patrick’s Church restoration
-
Akan Rakhmetullin new Kazakh ambassador to Pakistan
-
Reports recommending blocking social media websites ‘entirely false’: PTA
-
Reports recommending blocking social media websites ‘entirely false’: PTA
-
Driver injured as NATO container attacked in Jamrud
-
PM takes notice of roadblocks put up for opposition’s rallies
-
Bodies of man, his wife retrieved from debris after Kaghan landslide
-
Shehbaz among 2,000 booked for taking part in Lahore rally
-
$2.3bn external public debt in FY 2018-19 lowest in three years