اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ شرڪت جو دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دعوت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ اماراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گڏيل عزم آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات 17 لک پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Court issues proclamation against Shehbaz’s daughter
-
Balochistan varsity holds conference on promotion of peace, tolerance among masses
-
Pakistan’s power sector reforms: lessons from Turkey
-
President advises PDM not to malign state institutions
-
Pakistan calls for infrastructure investment in poor countries
-
Zulfiqar Ahmad Ghumman welcomed delegation of UNESCO at town Hall
-
Zulfiqar Ahmad Ghumman welcomed delegation of UNESCO at town Hall
-
Pakistan Army achieves third consecutive victory in int’l military exercise at Sandhurst
-
SC directs Sindh govt to cancel allotments of forest land
-
PML-N rigged NA-120 by elections in 2017: Shahzad Akbar
-
CAA issues new travel advisory for passengers
-
CAA issues new travel advisory for passengers