اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ چين جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
Policy group continues discussion on labour sector reforms
-
Policy group continues discussion on labour sector reforms
-
Opposition protests against ‘secrecy’ of govt’s references
-
Pakistan assails rigid stance of candidates for permanent seats in talks on UNSC reform
-
Policy group continues discussion on labour sector reforms
-
Senate approves resolution against Judges’ references
-
‘Accountability process uncompromising’, DG ISPR on death warrants
-
‘Musharraf is well, undergoing treatment’
-
SNGPL conducts successful raid at factory
-
Senate approves resolution against Judges’ references
-
Aircraft makes emergency landing in Thatta
-
SNGPL conducts successful raid at factory