اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي، شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خانيوال ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر محمد نويد صادق سيال شهيد جي گهرواريءَ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر گهرڀاتين جي همت، صبر ۽ بهادري سان صدمو برداشت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر انسپيڪٽر ناصر عباس ڀٽي شهيد جي گهرواريءَ سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيد جي قوم جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪوششون دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي. هن چيو ته شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.
متعلقہ مضامین
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
China-Pakistan journey of friendship
-
People urged to volunteer for Covid-19 vaccine trial
-
Senior Indian diplomat summoned to register Pakistan’s strong protest over Ceasefire Violations by India
-
Shibli holds PML-N govt responsible for economic difficulties of people
-
Showcasing the best of Pakistani furniture: PFC, Sialkot
-
Virus to spread further if people keep ignoring SOPs, NCOC told
-
Digital Terrorism – New Threat to Tribal Areas?
-
CII issues 20-point code of conduct to promote interfaith harmony
-
Papa John’s largest UK Pakistani franchisee denies fraud
-
Terrorists from India at forefront of ‘global jihad’: US magazine
-
One-month ban imposed on pillion riding in Karachi