اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، انسانيت جي دشمنن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائي.
متعلقہ مضامین
-
IHC turndowns Islamabad mayor’s suspension order
-
Sugar inquiry report drops bombshell on ‘untouchables’
-
China says will never ‘force’ Pakistan to pay back debts
-
Afghan peace process: Pakistan warns against spoilers
-
Govt to unveil federal budget for next financial year on June 12
-
Japan keen in developing fish harbor: Matsuda
-
Corona Care Hospital — from dream to reality
-
Chinese embassy donates 8,000 food packages to Afghan refugees
-
Virus pushes Pakistan’s transgender dancers out of their homes
-
Jummatul Wida offered amidst strict implementation on SOPs
-
PIA announced special discount for doctors, paramedics
-
Sindh imposes ban on swimming, bathing in sea on Eid