اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ فوري سيز فائر جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آهي.
متعلقہ مضامین
-
Omni Group’s AG Majeed to walk out of prison as IHC grants bail in last case
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Three suspected terrorists arrested during Rangers’ operation in Karachi