اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ميريلينا ارميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽلي ٻه طرفن پارلياماني ۽ واپاري لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هميشه خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته پاڪستان اٽلي سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو، پارلياماني وفدن جي مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي پارلياماني فرينڊشپ گروپ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اٽلي جي سفير اسپيڪر جي اٽلي لاءِ خير سگالي جي جذبن جي اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش تي ٿورو مڃيو ۽ اٽلي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector