اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ٽيڪنالاجي پارڪ جي منصوبي جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پراجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري تفصيلن موجب دوري جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان جي عالمي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري ٿري جو ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ تعميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو. هن منصوبي جي جلد تڪميل لاءِ ان تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻو آهي، ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. بذات خود ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان کي ترقي جون منزون طئي ڪرڻيون آهن ته سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪن. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ سان ملڪي ۽ غير ملڪي اڪيڊميا تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ منصوبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 70 ملين ڊالرن جي واڌ ٿيندي، ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم نئين منصوبي لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ٽيڪنالاجي پارڪ جو منصوبو 14.9 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن منصوبي ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا سينٽر به تعمير ڪيو پيو وڃي. دوري دوران سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه به وزيراعظم سان گڏ هئي.
متعلقہ مضامین
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
Around 135 people tested for coronavirus in Sindh: CM
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
Wedding functions should be packed up by 11:15pm in Hyderabad: govt
-
US has ‘no imminent plans’ for flight operations to Pakistan
-
Three suspected terrorists arrested during Rangers’ operation in Karachi
-
Afghan army ‘warmly welcomes’ PTM leaders at Torkham