اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن 11 جولاءِ خميس ڏينهن ملهايو ويندو. انسان جي شروعات کان 1800 عيسوي تائين انساني آبادي جو انگ هڪ ارب ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳا. پر 1920ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي 2 ارب تائين پهچي وئي، يعني ان کي ٻيڻو ٿيڻ ۾ صرف 120 سال لڳا. ان کانسواءِ 50 سال بعد 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي ٻيڻي يعني چار ارب ٿي وئي. دنيا جي آبادي 8 ارب 10 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي. هن وقت دنيا ۾ انساني آبادي ۾ روزانو اڍائي لک جو اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو ساليانو بنياد تي جرمني جي ڪل آبادي جي برابر آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي آبادي ۾ اضافي ۽ ان جي اثرن طرف ڌيان ڇڪائڻ آهي، جڏهن ته آبادي جو عالمي ڏينهن پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو. گڏيل قومن پاران آبادي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري 1989 ع ۾ ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 11 جولاءِ تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ عالمي طور تي آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي روشني وڌي ويندي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويندا.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
Opp in NA seeks names of those involved in wheat and sugar crisis
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
Bill moved in NA to set up university at PM House
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Extension in winter vacation demanded
-
Extension in winter vacation demanded
-
PTCL celebrates International Women’s Day across Pakistan