اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي صدر کي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين بابت ٻڌايو ته هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر قومي سرحدن جي دفاع، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهي. صدر چيو ته پورو اعتماد آهي ته سيڪيورٽي فورسز اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺندي. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت کي قوم جي تعاون سان پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Aman-21: the message resonates
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case