اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته اهي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪو به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
QAU continues to improve global rankings
-
QAU continues to improve global rankings
-
QAU continues to improve global rankings