اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي پڻ موجود هئا. وفد وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آصف علي زرداري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خدا تعاليٰ ۽ عوام جو دل سان ٿورائتو آهيان جن پاڪستان جي خدمت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو. خادم پاڪستان چونڊجڻ جي لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين جي اعتماد تي انهن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
A Woman of Great Substance