اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ سخت حفاظتي انتظامن سان گڏ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته تشدد ۽ ڌانڌلي جو ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، چونڊ عمل پرامن طور منعقد ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنز تي وڃي رهيا آهن. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي عوام جو ٽرن آئون تسلي بخش رهيو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شڪايتون داخل رڪڻ لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي آهي. عوام هيلپ لائين تي ڪال ڪري پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ووٽرز 8300 تي ايس ايم ايس ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي ووٽ ۽ پولنگ اسٽيشنز جا تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون آهن.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others