اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين جي سهولت لاءِ قائم ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي. پي آءِ ڊي پاران جاري پڌرائي موجب ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي سهولت لاءِ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، جديد ترين ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس، پرنٽرز، اسڪينرز، ايل اي ڊيز ۽ ايس اين ڊيز موجود آهن. ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي مدد جي لاءِ پي آءِ ڊي جو تربيت يافته عملو ۽ آفيسر به موجود آهن. ميڊيا سينٽر کي ايس اين ڊيز جي ذريعي اليڪشن ڪميشن جي ”اليڪشن سٽي“ سان به ڳنڍڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چونڊن جي ڪوريج دوران صحافين جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي هيلپ لائين ايم او آءِ بي به مڪمل طور تي فعال آهي. صحافي mediahelpline.moib.gov.pk تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. شڪايتن جي داخلا لاءِ ٽيليفون هيلپ لائين 0519252287 به فعال ڪئي وئي آهي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي سهولت لاءِ قائم ڪيو ويو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سڀئي ضروري سهولتون، قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ به ميسر آهي. اسلام آباد ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن سميت 7 شهرن ۾ ميڊيا سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن. انهن سينٽرز تي 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. چونڊن واري ڏينهن سينٽرز کان پولنگ اسٽيشن ويندڙ صحافين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام به موجود آهي.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla