اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني ڪيس اڪلائڻ بابت ڪابينا ڪميٽي بابت سينيٽر رضا رباني جا خدشا صحيح نه آهن، انتهائي فوري نوعيت جي معاملن ۾ حڪومت کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي، ڪميٽي جيڪو به ڪم ڪندي اهو آئين ۽ قانون جي دائري ۾ هوندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر رضا رباني جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ته ڪميٽي بابت سينيٽر رضا رباني جن خدشن جو اظهار ڪيو آهي انهن جو ڪو بنياد نه آهي، ڪابينا ڪميٽي رولز آف بزنس 17 (2) تحت قائم ٿي آهي، ڪميٽي بل تيار ڪرڻ يا بل پيش ڪرڻ جي لاءِ نه آهي. هن چيو ته انتهائي فوري نوعيت جي ڪيسز ۾ حڪومت کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو آهي، آئين ۽ قانون نگران حڪومت کي آرڊيننس جاري ڪرڻ کان نٿو روڪي، آئين جي آرٽيڪل 89 جي اندر به هنگامي قانونسازي جي اجازت آهي. هن چيو ته ڪابينا ڪميٽي ڪابينا سيڪريٽريٽ جي فنڪشنز ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ آهي، ڪميٽي جا اختيار سپريم ڪورٽ يا سينيٽ کان وڌيڪ نه آهن، قانونسازي جي لاءِ اها ڳالهه ضروري آهي ته اسان جيڪا به قانونسازي ڪنداسين اها آئين ۽ قانون کان مٿانهون نه هجي.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Graft-buster goes after drug officials
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
One dead, 30 injured as train derails near Rohri
-
Khalilzad in Islamabad for talks on new Afghan peace plan