اسلام آباد -31 آڪٽوبر (اي پي پي)اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي، محصول ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وفاقي وزير سميع سعيد، بجلي ۽ پيٽرول واري وزير محمد علي، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن اجلاس ۾ توانائي ۽ پيٽروليم واري وزارت طرفان پيش ڪيل سنگل آئٽم ايجنڊا تي غـور ڪيو. توانائي واري وزارت طرفان مختلف ڪيٽيگرين لاءِ قدرتي گئس جي وڪري جي اگهه تي نظرثاني جي حوالي سان پيش ڪيل سمري مالي سال 24-2023ع تي ٻيهر غور ڪيو ويو. اي سي سي تفصيلي بحث ۽ غور ڪرڻ بعد گئس جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي عمل پهرين نومبر 2023ع کان ڪيو ويندو. اي سي سي ان کان اڳ 23 آڪٽوبر 2023ع تي پيٽروليم ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري تي غور ڪيو ۽ قدرتي گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينه 30 تاريخ تي پنهنجي اجلاس ۾ ان سمري کي نظرثاني لاءِ ٻيهر اي سي سي ڏانهن اماڻيو هو. اي سي سي خصوصي اجلاس ۾ قدرتي گئس جي اگهه ۾ ترميم جي منظوري ڏني.
متعلقہ مضامین
-
Foreign reserves increase by $91m to $20.13bn
-
64 more die of Covid-19 with 1,519 fresh cases
-
Yousuf Raza Gillani’s senate victory challenged in ECP
-
SECP makes reforms for a transparent capital market
-
Mirwaiz Umar Farooq released from house arrest
-
SECP makes reforms for a transparent capital market
-
ECP summons urgent meeting after PM’s allegations
-
Roadside bombing kills 5 Pakistani workers, wounds 2 troops
-
Training, commitment enhance capability to tackle threats: COAS
-
Prime Minister keeps his words; official data shows significant reduction in PM Office expenditures
-
Four booked for selling counterfeit cigarettes
-
Pak-Lankan air forces agree to enhance cooperation