اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صادق سنجراڻي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سينيٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت عوامي امنگن موجب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪندي پر ملڪي معاشي ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪندي ته ان مختصر عرصي ۾ عوامي نمائندن جي اعتماد تي پورو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.
متعلقہ مضامین
-
Excise officials unearth irregularities in property affairs
-
Indian man leaked secrets to ISI for fake nudes
-
‘15m females sitting idle in homes’
-
Mango encyclopedia gift for UAF from Oman king
-
CICEC donates medical supplies to Pakistan to fight Covid-19
-
KMC needs no grants if its assets were managed properly: Nasir Shah
-
KMC needs no grants if its assets were managed properly: Nasir Shah
-
Prime accused of Daesh funding case arrested
-
Father commits suicide after killing disabled daughters
-
Court extends Asif’s remand for 10 days in corruption case
-
NA body recommends non-closure of Abandoned Property Organization (APO)
-
Pearl murder case: absence of top secretaries displeases SHC