لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امير مقام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بحران بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحران بابت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي لاءِ عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.
متعلقہ مضامین
-
Seminar highlights measures to protect children from abuse
-
COMSATS Academic Council meeting held
-
Imran welcomes Facebook’s support toward Pakistan’s digital initiative
-
Sanjrani stresses coordinated efforts for enhancing cotton production
-
NAB requests cancellation of Nawaz Sharif’s passport, CNIC
-
PM reiterates commitment to ensure timely provision of subsidy to banks to provide easy loans to youth
-
NAB requests cancellation of Nawaz Sharif’s passport, CNIC
-
AE7 Architect George Girgis behind fake accounts cybercrime network
-
Self-defense training session held at Govt. Middle School Nowshera
-
Self-defense training session held at Govt. Middle School Nowshera
-
FBR launches automated ST e-refund system
-
Man held for damaging temple in Badin