اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي في ايڪڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن طارق بشير چيما، مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خرم دستگير خان، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت جي انگن اکرن سان گڏوگڏ يوريا صنعت کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال ۾ حڪومت آبادگارن جي خوشحالي ۽ زراعت جي شعبي جي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي آهي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته يوريا جي پيداوار ۽ ان جي کپت کي نظر ۾ رکندي صنعتن کي گئس جي فراهمي ۽ بفر اسٽاڪس جي هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اجلاس کي گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پيداوار ۽ متوقع طلب جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي نيلم جهلم منصوبي جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري هلندڙ سال جولاءِ ۾ ان کان گهٽ لاڳت بجلي جي پيداوار ٻيهر شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ رکي وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Altaf Hussain’s bail extended again in hate speech inquiry
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan
-
PPP MPA Syed Ghulam Shah Jilani passes away