اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سردار اختر مينگل وزيراعظم کي بلوچستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پاران وزيراعظم جي ملڪي بقاءَ ۽ بلوچستان جي ترقي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏوگڏ گوادر جي مقامي ماڻهن کي عالمي معيار جي شهري سهولتن جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سردار اختر مينگل چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو، ٻوڏ دوران وزيراعظم بلوچستان جي علائقن جو پاڻ دورو ڪري متاثر بلوچن جو درد ونڊيو جيڪو اڄ کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل هڪ سال ۾ ملڪ ۾ شديد معاشي مشڪلاتن ۽ قدرتي آفتن جي باوجود ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Govt to use all resources to bring down food prices from tomorrow
-
Govt to use all resources to bring down food prices from tomorrow
-
No scientific evidence to support death penalty: Ambassador Androulla
-
British envoy thanks Pakistan for hospitality in northern areas
-
OIC summit on science and technology in December
-
People urged to take part in 3rd phase of Covid-19 vaccine trials
-
Aviation Division gets Rs 548.9m funds for projects in first quarter
-
Prime suspect Motorway rape case Abid Malhi arrested from Faisalabad
-
Motorbike ambulance service: access to the inaccessible
-
Buzdar appeals to people to adopt Covid-19 precautionary measures
-
Goods worth Rs 1.31 billion taken away in robberies
-
Motorbike ambulance service: access to the inaccessible