اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين بابت امداد تي سعودي عرب جي قيادت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب کي ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ بابت ايندڙ عالمي ڪانفرنس کان آگاهه جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي رهي آهي. سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي سمورن قدمن جي لاءِ سعودي عرب جي ڀرپور حمايت کان آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عورتن جي حقن جي ضمانت ۽ زندگي جي سمورن رخن ۾ انهن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي ورجايو. هنن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي لاءِ پنهنجي حمايت ۽ افغان عوام جي لاءِ وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ عالميم شموليت جي اهميت کي ورجايو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Primary schools open from today across country
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
Meesha Shafi and eight others booked by FIA cyber crime wing for a defamation campaign against Ali Zafar
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries