اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته ان حملي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي جنهن تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي عزم تي قائم آهي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي دعويٰ ڪئي ته طالبان عملدارن اسلامڪ اسٽيٽ دهشتگرد گروپ جي هڪ غيرملڪي ڪارڪن کي مبينا طور تي پاڪستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Cynthia moves IHC against decision to refuse visa extension
-
Sindh govt to appoint Shallwani as Karachi’s administrator
-
Regional moot discusses impacts of Covid-19
-
Cynthia moves IHC against decision to refuse visa extension
-
NAB arrests LDA ex-chief engineer Israr Saeed
-
NAB arrests LDA ex-chief engineer Israr Saeed
-
Rs 50 billion Rawalpindi Ring Road Project approved under PPP mode
-
Hub Bridge linking Karachi with Balochistan is stable: NHA
-
Nation pays rich tribute to martyrs and ghazis on Defence Day
-
Heavy rains leave hundreds of villages in Sindh, Punjab submerged
-
Imarat Group wins ICCI Achievement Award
-
Pakistan ever ready to crush enemy’s evil designs: COAS