اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي تازي سربراهه اجلاس کي موسمياتي تبديلي سان ملڪ ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي صورتحال، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي پاڪستان ۾ ان سان ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته سربراهه اجلاس وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه، گڏيل ڳڻتي جي ٻطرفي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ جرمن چانسلر سان پڻ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته هن بحرين ۽ ڪويت جي ولي عهد، ايسٽونيا، تاجڪستان، عراق، گڏيل عرب امارات ۽ يورپي ڪائونسل جي صدرن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان دوران بيلجيئم، هالينڊ، ناروي، اسپين، لبنان جي وزيراعظمن ۽ انڊونيشيا جي نائب صدر سان گڏوگڏ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير، موسمياتي تبديلي واري وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Primary schools open from today across country