ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi