اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪيس التوا هيٺ آهن، اهو ڪنهن شخص جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آهي، انهن ڪيسن جي حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله بهتر مشورا ڏنا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ايف بي آر چيئرمين سان گڏ اسان جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران ايف بي آر چيئرمين 13 ڪيسن کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جسٽس اطهر من الله پاڪستان جي ڪجهه وڏن ججن مان آهي. هن پاڪستان جي خوشحالي طرف هڪ وڏو قدم کنيو آهي. هن چيو ته اميد آهي باقي عدالتون به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پوئيواري ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وصولين بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ نه، ايف بي آر جي وڪيلن جي ڪري ڦاٿل آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته يقيني طور تي ايف بي آر چيئرمين اجلاس ۾ ڏنل تجويزن مان فائدو کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان تيار آهيون، پر لڳي ٿو مخالف ڌر پاران عدم اعتماد جي رٿ اچڻي نه آهي.
متعلقہ مضامین
-
Next five years will be exceptionally hot, study warns
-
US wants Pakistan to lead regional peace efforts
-
Indian national captured by security forces
-
Fawad Chaudhry rebukes PML-N for ‘attacking courts’
-
I don’t meet Maryam every day
-
PPP to push PML-N to change PM’s nominee
-
PPP to push PML-N to change PM’s nominee
-
Imran, Shehbaz’s nomination papers for PM election submitted
-
Asghar Khan case: SC for action against Beg, Durrani
-
Shehbaz hopes Nawaz will be freed before Eid
-
IHC to hear petition for Imran Khan’s disqualification today
-
PTI clinches speaker, deputy speaker posts