اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي انهن ادارن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس هتي ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وزيراعظم جي واپار واري وفاقي وزير عبدالرزاق دائود، اداره جاتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ روينيو بابت خاص مددگار وقار مسعود شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن جي فورينزڪ آڊٽ جي ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري سيڪريٽري اي جي پي آفيس ۽ نجي آڊٽ فرمز لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس پيش ڪندي چيو ته ان سان معيار کي يقيني بڻائيندي ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن گيپ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ بهتر سفارشون جوڙي سگهن.
متعلقہ مضامین
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
Sehat Sahulat Program: 15 m families to get health card
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO