اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن لاءِ واپاري مرڪز بڻجندو، تاجڪستان سان ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين. اهڙو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ پاڪستان- تاجڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت مان فائدو نه کنيو ويو، بزنس فورمز ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته تاجڪستان لاءِ پاڪستاني شيون بهترين معيار جون آهن، پاڪستاني صنعت اعليٰ معيار جي انجنيئرنگ سامان، ٽيڪسٽائل ۽ سرجيڪل اوزار تيار ڪري رهي آهي، اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار عالمي سطح تي نمايان ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت آءِ ٽي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن جن جا ثمر آڏو اچي رهيا آهن. ڄام ڪمال چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامون واپار کي وڌيڪ آسان بڻائينديون. هن چيو ته پاڪستاني بندرگاهون تاجڪ آمدني واپار لاءِ بهترين سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي. وچ ايشيائي ملن سان واپاري ميلن ۾ شرڪت کي آسان بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته معيشت جا اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن. ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ۽ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن جي رهنمائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جو فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري لاءِ اهم آهي، اهڙيءَ طرح جي بزنس ٽو بزنس فورمز لڳاتار هلڻ گهرجن.
متعلقہ مضامین
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
Opp in NA seeks names of those involved in wheat and sugar crisis
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
PFA seals seven milk shops, 12 others eateries across Punjab
-
PTCL celebrates International Women’s Day across Pakistan
-
Foodpanda expands its operations to Sahiwal
-
Punjab Police continue crackdown on hardened criminals, anti-social elements
-
Three suspected terrorists arrested during Rangers’ operation in Karachi
-
Coronavirus: US defence secretary postpones trip to Pakistan